علم عروض3

علم عروض3

علم عروض 3

علم عروض3 (ڪتاب): شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو هيءُ ڪتاب علم عروض ۽ ان جي قاعدن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب سڀ کان پهرين 1921ع ڌاري ‘علم بديع ۽ علم عروض’ جي نالي سان شايع ٿيو هو، جنهن کي بعد ۾ قليچ جي گرامر بابت لکيل مختلف ڪتابن کي ‘سنڌي وياڪرڻ’ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو هو. جڏهن به شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر پاران هن ڪتاب کي ‘علم عروض’ جي نالي سان ڌار شايع ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب چئن بابن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ ڊاڪٽر نواب ڪاڪا پاران ٻه اکر لکيل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائيٽل وارو هي ڪتاب شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو